انجم هالائي

انجم هالائي

انجم هالائي

انجم هالائي: سندس اصل نالو آخوند حاجي عبدالرحمان. هو 1902ع ۾ هالا ۾ پيدا ٿيو، شروعاتي تعليم قرآن پاڪ جي ورتائين. ان کان پوءِ مسلم اسڪول هالا ۾ سنڌي، اردو ۽ فارسيءِ جي تعليم اتي جي ناليوارن استادن آخوند عبدالحئي ۽ حاجي سليم الدين جي سايي ۾ حاصل ڪيائين. ان بعد وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ٽريننگ ڪاليج شهدادپور ۾ داخلا ورتائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد اتي ئي استاد مقرر ٿيو. کيس ڪتابن پڙهڻ جو بيحد شوق هوندو هو. هو هالا مان شايع ٿيندڙ رسالي ”فردوس هالا“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. سندس تصنيف ”ديوان انجم“ گهڻي مقبول آهي، جيئن ته سنڌ جي سٺن ڪهنه مشق شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. انجم هالائي ڪجهه وقت نواب شاهه ۾ رهيو، اتي به پنهنجو ادبي مشغلو جاري رکيائين ۽ نواب شاهه ۾ شايع ٿيندڙ رسالي ”رهنما“ جو به ايڊيٽر رهيو. نثر ۾ سندس ڪتاب ”پياري نازنين“، ”شمع اسلام“ ۽ هڪ اصلاحي ناول ”ڪاروان“ به مشهور آهن. سنڌ جي هن سڄاڻ شاعر ۽ نثر نويس 1975ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.


لفظ انجم هالائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.00.00  عيسوي

انجم هالائي 1902ع ۾ هالا ۾ پيدا ٿيو


1975.00.00  عيسوي

انجم هالائي جي 1975ع ۾ وفات ٿي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اقبال احمد پيرزادو ڊاڪٽر
علڻ الستي
سيد اصغر علي شاهه عاجز
ابل اداس ٻٻر
تاج محمد شيخ
ڄام دُرڪ
سوز هالائي
اختر درگاهي
عرض محمد خان لغاري نواب
عـاشـق عـارباڻـي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون